SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


حفاظت يا سلامتيءَ جو سرشتو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


حفاظت يا سلامتيءَ جو سرشتو

Security

سڪيورٽي

دنيا ۾ هن وقت جنهن قسم جو غير محفوظ ماحول آهي ، ان ۾ ”سيڪيورٽي“ جو سرشتو بنيادي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. مختلف ملڪن وچ ۾ جاري سرحدي جهڳڙا، معاشي طور تي اڳ کان اڳرو ٿيڻ جي ڪوشش ۽ سماجي لحاظ کان هڪ ٻئي تي غلبو رکڻ واريون ڳالهيون، عالمي سطح تي تمام گهڻو احتياط ڪرڻ جي نشاندهي ڪن ٿيون. پراڻي دور ۾ ”سيڪيورٽي“ صرف دشمن جي حملن کان بچاءَ طور استعمال ڪئي ويندي هئي، جنهن جي نشاندهي ناميارا سماجي سائنسدان ”والٽر“ ۽ ”بالڊون“ به ڪري چڪا آهن.ان حوالي سان پراڻي دور ۾ تمام وڏا قلعا جوڙيا ۽ هٿيار انهيءَ ڪري گڏ ڪيا ويندا هئا، جو تڏهوڪا بادشاهه ”سيڪيورٽي“ جي حوالي سان ڪنهن به طرح جي ڪوتاهي ڪرڻ نه چاهيندا. دنيا ۾ هن وقت به هٿيارن جا انبار ڪٺا ڪرڻ ۽ بين الاقوامي تعلقات ذريعي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ هر ملڪ جي ترجيحي پاليسي ۾ شامل آهي، پر آزاد معاشي سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ به رياست جي محفوظ هجڻ جي خاطري گهرجي ٿي. انهيءَ ڪري ” ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن“ جهڙا ڪافي ٻيا به ادارا قائم ڪيا ويا آهن، ته جيئن مختلف ملڪن جي پاڻ ۾ ٿيندڙ واپار، محفوظ طريقي سان جاري رهي سگهي. انهيءَ کان سواءِ ماحول ۾ ايندڙ تبديليون ۽ ڪيترين قومن غلط رٿا بندي ۽ پاليسين جي ڪري دنيا ۾ زراعت کي نقصان رسڻ سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ جو خدشو سچ ثابت ٿي رهيو آهي. انهيءَ کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن طرفان”فوڊ سيڪيورٽي“ جا ڪيترائي پروگرام سامهون آيا آهن. دنيا جي ناميارن محققن مطابق، جيڪڏهن هن وقت ڪوبه ملڪ موجوده عالمي سرشتي مٿان مڪمل برتري حاصل ڪرڻ جو سوچي ٿو، ته انهيءَ ملڪ کي صرف هٿيارن جي انبارن جي ضرورت ناهي، بلڪه سياسي، سماجي، معاشي ۽ تعليمي لحاظ کان به کيس دنيا کي سيڪيورٽي ڏيڻي پوندي، ته جيئن سندس سيڪيورٽي واري صلاحيت تي اعتماد پيدا ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته جديد دور ۾ نه رڳو تڪرارن، بحرانن ۽ لڙائين کان بچڻ جي ضرورت آهي، پر گڏوگڏ اهڙن گهڻ -رُخن بندوبستن جي به ضرورت آهي، جنهن سان ملڪ ۽ انهن جي عوام ۾، محفوظ هجڻ جو احساس پيدا ٿئي ۽ سندن سوچ ، ترجيحن، ملڪيتن، ڪاروبار ۽ چرپر کي آزاديءَ ڀريو ماحول ميسر ٿي سگهي. انهيءَ ماحول جي هوندي ئي ڪابه قوم آرام ۽ سڪون سان مستقبل لاءِ رٿابندي ڪندي ترقيءَ جي طرف اڳڀرائي ڪري سگهي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو اڄ ڪلهه جي بين الاقوامي تعلقات ۾ ”سيڪيورٽي“ ۽ ترقيءَ جو عمل هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي چڪا آهن


Remember Me Also:

جونسر

صفت. جون وانگي آهستي هلندڙ وهَٽُ، ماڻهو وغيره.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal